GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

راندين کي سياست ۽ سياست کي راندين ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان راندين جي ميدان ۾ سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، 2025ع خوشخبرين ۽ سياسي استحڪام جو سال آهي: عطاءُ الله تارڙ

image

اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته راندين کي سياست ۽ سياست کي راندين ۾ شامل نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان راندين جي ميدان ۾ سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، 2025ع خوشخبرين ۽ سياسي استحڪام جو سال آهي، اڏار پاڪستان هڪ ويزن آهي جنهن ۾ رانديون به شامل آهن، اسان کي اڏار پاڪستان پروگرام سان شاهين وانگر ٽيڪ آف ڪرڻو آهي، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، هاڻي ته سياسي مخالف به پاڪستان جي معاشي استحڪام جا ڳُڻ ڳائي رهيا آهن، سياستدان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا، ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شاليمار ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ 2025ع جي افتتاح جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير جنگ ميڊيا گروپ سميت سمورن اسپانسرز ۽ ڪرڪيٽ ليگ ۾ شامل سمورين ٽيمن کي مبارڪباد ڏيندي راندين جي مثبت سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته جيترو راندين ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ کي فروغ ملندو، ان سان معاشري ۾ مثبت سرگرميون جنم وٺنديون. وفاقي وزير چيو ته جنگ ميڊيا گورپ اهڙا ايونٽس منعقد ڪرڻ ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڪرڪيٽ ليگ ۾ ٽي وي چينلز جي اڪثريت ٽيمون شامل آهن، نوجوان ۽ متحرڪ رانديگر هتي موجود آهن، اسان جا نوجوان ڏينهون ڏينهن مهارت حاصل ڪندا پيا وڃن. هن چيو ته شاليمار ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪرڪيٽ جو خوبصورت ميدان آهي جتي شائقين کي سٺي راند ڏسڻ جي لاءِ ملي رهي آهي. هن ميڊيا ڪرڪيٽ ليگ ۾ شامل سمورين ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ونرز ۽ رنر اپ ٽيمن جي حوصلا افزائي ڪندي. هن چيو ته عالمي سطح تي پڻ پاڪستان اڳتي وڌي وڏيون فتح حاصل ڪيون آهن، چيمپيئنز ٽرافي پڻ پاڪستان اچي رهي آهي جيڪو پاڪستان ۾ وڏو ايونٽ آهي جنهن تي پوري قوم خوش آهي. هن چيو ته ڪافي عرصي کانپوءِ پاڪستان عالمي سطح جي ايونٽ جي ميزباني ڪرڻ وڃي رهيو آهي، الحمدالله اهڙن ٽورنامينٽس جي ميزباني ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، اسان وٽ ڪرڪيٽ گرائونڊز جو انفراسٽرڪچر موجود آهي. هن چيو ته محسن نقوي وزيراعظم جي قيادت ۾ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، بطور پي سي بي چيئرمين هن بهترين انتظام ڪيا، قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻين اسٽيڊيمز کي پڻ سهولتن سان ليس ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب انعقاد سان سڀني کي خبر پئجي وئي آهي ته اسان وڏا ايونٽس آرگنائيز ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي پاڪستان ۾ انعقاد سان پاڪستان جو تشخص وڌيڪ بهتر ٿيندو، جيڪي ٽيمون پاڪستان اينديون انهن جي مهمان نوازي ۽ انتظامن جي حوالي سان محسن نقوي ڀرپور تياري ڪئي آهي. هن چيو ته 2025ع خوشخبرين جو سال آهي، اسان معاشي استحڪام حاصل ڪري رهيا آهيون، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي اهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ڏينهون ڏينهن مثبت رخ ۾ گامزن آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج هڪ لک 17 هزار جي تاريخي حد عبور ڪري چڪي آهي، ايڪسچينج ريٽ هيٺ اچي رهيو آهي، مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته اڏار پاڪستان ۾ رانديون به شامل آهن، اهو ڪنهن سياسي پارٽي جو ويزن نه آهي، اهو پاڪستان جو ويزن آهي ته اسان کي ترقي ڪرڻي آهي. هن چيو ته راندين جي سرگرمين جو فروغ پن ان پروگرام ۾ شامل آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان جي تشخص جي بهتري جي لاءِ ڪم ڪنداسين، پاڪستان آهي ته اسان آهيون، پاڪستان اڳتي وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ ٽيمن جي پاڪستان اچڻ سان پاڪستان ۾ اسپورٽس ۽ ڪرڪيٽ جي بهتري ٿيندي، نوجوانن کي ڪرڪيٽ ويجهي کان ڏسڻ ۽ سکڻ جو موقعو ملندو. پراڻي يادن کي پڻ تازو ڪرڻ جو موقعو ملندو جڏهن هتي وڏا وڏا رانديگر ايندا هئا ۽ يادگار مئچون ٿينديون هيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسپورٽس مين اسپرٽ هر جڳهه ۽ هر شعبي ۾ هجڻ گهرجي. انٽرنيٽ جي حوالي سان تمام گهڻي بهتري آئي آهي، ماضي ۾ ڪجهه مسئلا هئا پر هاڻي بنا ثبوتن جي سياسي ڳالهه وڌيڪ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انٽرنيٽ ۾ فني مسئلا ايندا رهيا آهن پر اسان وٽ نظام ڪافي بهتر آهي. هن چيو ته بنا ثبوت جي وي پي اين بابت پروپئگنڊه ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ صارفين کي سستو ترين انٽرنيٽ ملي رهيو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي طرح جا پئڪيجز نه آهن جيڪي هتي فراهم ڪيا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته راندين کي سياست ۽ سياست کي راندين ۾ نه ملايو وڃي، ملڪ ۾ بهتري ۽ مثبت ماحول هجڻ گهرجي، تنقيد ضرور ڪئي وڃي پر ملڪ جو تشخص برباد نه ڪيو وڃي، ان سان سڀني جو گڏيل نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته هاڻي ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پڻ چئي ڇڏيو آهي ته معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي استحڪام تمام ضروري آهي، سياستدان پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا، اهو سلسلو جاري رهندو. 2025ع انشاءَ الله سياسي استحڪام به سال هوندو، ڳالهه ٻولهه سان ئي مسئلن جو حل ممڪن آهي. هن چيو ته ڳالهين واريون ڪميٽيون پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيون آهن، ڳالهه ٻولهه اڃا تائين مثبت انداز ۾ هلي رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن جي ڪردارڪشيءَ نه ٿيڻ گهرجي، اها اسان جي تربيت نه آهي، اسان چاهيون ٿا ته عورتون ڀلي انهن جو تعلق ڪنهن به پارٽي سان هجي، انهن جي لاءِ عزت ۽ وقار جو مقام هجي، پاڪستاني ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ جي عزت ڪرڻ ڄاڻون ٿا، ڪجهه ماڻهو پنهنجي سياسي مفاد جي لاءِ ٽرولنگ ڪن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، پي ٽي وي ۾ ري ويمپنگ ڪئي وئي آهي، ان ۾ پرائيويٽ سيڪٽر مان اينڪرز کي آندو ويو آهي، اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني کي پي ٽي وي تي اسپيس ملي. ريڊيو پاڪستان ۾ پڻ سڌارا آندا ويندا ۽ ڪمنٽري تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.

مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس
متعلقہ مضامین
مزید خبریں