اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ننڍن قرضن جي ذريعي زندگيون بدلائڻ جو ڊاڪٽر امجد ثاقب جو ”اخوت“ ويزن عالمي سطح تي غربت جي خاتمي لاءِ بهترين ماڊل، ماڻهن جي قسمت بدلائڻ جو ذريعو ۽ غربت جي خلاف هڪ طاقتور هٿيار آهي. برطانوي اخبار ”انڊيپنڊنٽ“ پنهنجي ايشيا ايڊيشن ۾ گذريل ڏينهن ڊاڪٽر امجد ثاقب جي ”اخوت فائونڊيشن“ جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ ساراهيندي دنيا کي بااختيار بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي غربت جي خاتمي لاءِ ڊاڪٽر امجد ثاقب جي مائيڪرو فنانس ويزن کي بهترين ماڊل طور اجاگر ڪيو آهي. برطانوي اخبار جي آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته عالمي ايوارڊ يافته ڊاڪٽر امجد ثاقب ننڍي پئماني تي قرضن جي ذريعي غريب ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته عالمي سطح تي غربت جو مقابلو ڪرڻ جي ميدان ۾ ڊاڪٽر امجد ثاقب اميد ۽ جدت جي علامت بڻجي اڀريو. هن پنهنجي ساٿين سان گڏجي هڪ اهڙي ماڊل جو بنياد رکيو جنهن نه رڳو غريب ماڻهن پر انهن جي خاندانن جون زندگيون بدلائي ڇڏيون ۽ سماج ۾ هڪ نئون نظام متعارف ڪرايو. اخبار موجب مائيڪرو فنانس جي شعبي ۾ ڊاڪٽر امجد ثاقب هڪ چيمپيئن آهي ۽ سندس متعارف ڪرايل ماڊل رڳو هڪ مالياتي نظام ئي نه پر سماجي تبديلي جو هڪ طاقتور ذريعو آهي. پروگرام تحت اهڙن طبقن کي ننڍي پئماني تي بنا وياج جي ننڍا قرض فراهم ڪيا ويا جيڪي روايتي بئنڪنگ جي نظام تائين پهچ نه ٿا رکن ۽ نه ئي بئنڪون انهن کي قرض ڏين ٿيون. اخوت جي ننڍي ننڍي قرضن سان ڪاروبار شروع ٿيا، وڌيا ويجهيا، تعليم جاري رکڻ ۽ زندگين جا موقعا ميسر آيا. ان ماڊل کي نه رڳو ملڪي سطح تي زبردست پذيرائي ملي پر هاڻي اهو پوري دنيا جي لاءِ هڪ ماڊل طور اهميت اختيار ڪري ويو آهي. اخبار لکي ٿي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب غربت جي خلاف اسان جي جنگ وڙهڻ جي لاءِ انسان دوستي ۽ ننڍڙي مالي معاونت کي هڪ طاقتور هٿيار سمجهي ٿو. هو چوي ٿو ته سندس مقصد گڏيل تعاون جو هڪ نظام قائم ڪندي ماڻهن کي بنا وياج قرض فراهم ڪندي بااختيار بڻائڻو آهي. اخوت جي باني چيئرمين ڊاڪٽر امجد ثاقب 2001ع ۾ 100 ڊالرن سان وياج کان پاڪ مائيڪرو فنانس اداري جو بنياد رکيو ۽ هيستائين هڪ ارب ڊالر جا ننڍا قرض فراهم ڪري چڪو آهي جنهن سان 60 لک غريب خاندانن جون زندگيون تبديل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اخبار ڊاڪٽر امجد ۽ سندس ساٿين جي ويزن کي ماڻهن کي پاڻڀرو بڻائيندي غربت جو خاتمو يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڪامياب ماڊل قرار ڏنو آهي. اخبار لکيو آهي ته ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن ۾ آبادي جو هڪ وڏو حصو بئنڪن ۽ مالياتي ادارن تائين پهچ کان محروم آهي، جنهن سان هو غربت جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندا وڃن ٿا. ڊاڪٽر امجد ثاقب جو اهو ماڊل انهن ماڻهن جي لاءِ اميد جو هڪ ڪِرڻو آهي، بنا وياج جي ننڍن قرضن سان پٺتي پيل علائقن جي عورتن کي بااختيار بڻائڻ به ممڪن آهي. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته سڄي دنيا ۾ ان ماڊل کي وڏي پزيرائي ملي رهي آهي، جنهن جو اعتراف ڊاڪٽر امجد ثاقب کي 2021ع ۾ رامون ميگسيسي ايوارڊ (ايشيا جي نوبل انعام جي برابر)، 2018ع ۾ اسلامي اقتصاديات ايوارڊ، 2022ع ۾ نوبل امن انعام جي لاءِ نامزدگي، 2023ع ۾ گلوبل مين آف دي ڊڪيڊ ايوارڊ، ورلڊ اڪنامڪ فورم، شواب فائونڊيشن ۽ مرحومه ملڪه ايلزبيٿ II جي پوائنٽس آف لائيٽ ايوارڊ جي صورت ۾ ڪيو ويو. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ اخوت جو ماڊل غيرروايتي آهي ۽ اهو پٺتي پيل طبقن کي مٿي کڻڻ جي لاءِ هڪ نيٽ ورڪ جو قيام عمل ۾ آڻي ٿو. ماڻهو ۽ برادريون هڪ ٻئي جي مدد ڪندي اڳتي وڌن ٿا. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر امجد ثاقب جي مائيڪرو فنانس ماڊل جي ڪاميابي حيران ڪندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي ۽ سماج تي ان جو اثر تمام گهرو ۽ ڏورس آهي. ڪاميابي جو اهو ماڊل غربت جي خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ طاقتور هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو. مضمون ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي ۾ جڏهن دنيا معاشي اڻبرابري ۽ عالمي وبائن سميت مختلف ڏکئي معاشي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، ڊاڪٽر امجد ثاقب جو هي ويزن پائيدار ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو بنياد بڻجي سگهي ٿو.