اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورون?? جي قومي ايشو کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، مخالف ڌر جلسن جي پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مخالف ڌر وارا ته مڪمل لاڪ ڊائون جي وڪالت ڪري رهيا هئا، اڄ يوٽرن نه وٺن، ذاتي مفاد بدران ??وا??، سياسي ڪارڪنن ۽ پنهنجي زندگي جي حفاظت ۽ صحت کي خدارا ترجيح ڏني وڃي.