اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم صفدر ۽ مولانا فضل الرحمان ته پارليامينٽ ميمبر ئي نه آهن انهن جي ڊيمانڊ تي پارليامينٽرين ڪڏهن به استعيفيٰ نه ڏيندا، پاڪستان جمهوري ملڪ آهي ان ۾ جمهوري حڪومت کي جمهوري انداز سان ئي هٽائي سگهجي ٿو، ان جي لاءِ ??ئيني مدو مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، تاريخ گواهه آهي ته جلسن جلوسن سان ڪا حڪومت ناهي وئي، جيڪڏهن ڪا حڪومت هلئي وئي ته جلسا جلوس ڪندڙن کي ڪجهه به نه مليو، عدالت کان ڀڄي ويندڙ شخص جي صاحبزاديءَ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، مولانا فضل الرحمان پوري سياست ۾ اسلام جي ڪهڙي خ??مت ڪئي، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين هوندي ان مسئلي لاءِ ڇا ڪيو؟ عمران خان دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي زندهه ڪيو، عالمي سطح تي اسلامو فوبيا کي بهتر انداز ۾ اٿاريو، مخالف ڌر جمهوري حڪومت کي هٽائڻ جي لاءِ هر غيرجمهوري طريقو اختيار ڪرڻ جي لاءِ ??يار آهي، سياسي پناهه وٺندڙن جو مقصد اقتدار ۾ ڪاروبار جي لاءِ ??چڻ آهي. هو نوجوانن جي معاملن واري خ??ص معاون عثمان ڊار سان گڏ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ??حافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.