اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غ??ري??ني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻ??ن اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان سان ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ م??صوبو خ??ي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي ۽ افغانستان ان منصوبي جي ڪري خ??ي جي ٻ??ن ملڪن سان واپار جو گيٽ وي ثابت ٿيندو.