اسلام آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فرانس جي حڪومت ۽ قيادت انتشار ۽ تعصب کي جنم ڏيندڙ قدمن بدران عوام کي متحد رکڻ وارا قدم کڻي ڇو ته ائين نه ڪرڻ سان جيڪو نقصان ٿيندو اهو سالن تي ٻڌل هوندو، فرانس حڪومت ۽ قيادت مسلمانن کي گهيري ۾ آڻڻ واري طرز عمل ۽ قانونن کان پاسو ڪري، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت ??هي?? ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ سمورن اقليتن سميت اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. ايوان صدر ۾ مذهبي ۽ اقليتي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ امپلي مينٽيشن مينارٽيز فورم جي اهتمام هيٺ مذهبي آزادين ۽ اقليتن جي حقن جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس جي ??ڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي صدر بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ بابت اسلامي تاريخ جا ڪيترائي حوالا ڏنا ۽ چيو ته پيغمبر اسلام صه ۽ خلفاءِ راشدين جا دور بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان مثالي دورن جي حيثيت رکن ٿا. اسلام ۾ اقليتن جي حقن جو مڪمل احاطو ڪيو ويو آهي. صدر ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند ۾ رهندڙ اقليتي مسلمانن جي تاريخي جدوجهد تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان قائم ڪرڻ کانپوءِ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جا اقليتن بابت فرمان اسان جي ??اءِ مشعل ??اهه آهن. پاڪستان جو آئين ملڪ ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي حقن جو ضامن آهي. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 20، 21، 25 ۽ آرٽيڪل 27 اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪن ٿا. هن وقت قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبرن جو انگ 10 ۽ سينيٽ ۾ 4 ??هي?? پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن کي آئيني طور تي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي ??اءِ اسان پنهنجي جدوجهد ۽ ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان جي حڪومت ان حوالي سان پرعزم آهي. مينارٽيز ڪميشن ۽ ڪيترين ئي ڪميٽين جي سطح تي ڪم ٿي رهيو ??هي?? جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ بين المذاهب ۽ بين الثقافتي هم آهنگي جي ??اءِ ڪوششن کي هيٺئين سطح تائين وسعت ڏني وڃي. پاڪستان ان حوالي سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. صدر ڀارت ۾ انتهاپسنداڻي هندو قوم پرست نظرين جي اثر هيٺ ڪيل فيصلن ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته هندستان ۾ اڪثريت جي حق ۾ ۽ اقليتن جي خلاف قانون تبديل ڪيا پيا وڃن جنهن سان صورتحال خراب ٿي رهي ??هي?? اهو هڪ خطرناڪ رجحان آهي ۽ ان سان اقليتن جي ??تلام طرف رجحان قائم ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي ??ارليامينٽ ۾ مسلمانن جي رڳو ٻه سيڪڙو نمائندگي آهي. صدر چيو ته ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف قدمن ۽ قانونن کي منفي انداز ۾ تبديل ڪرڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي ان سان پاڪستان تي پڻ اثر پئجي سگهن ٿا. صدر اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ مقدس شخصيتن جي توهين جي خاتمي لاءِ ٺوس عالمي قدمن ۽ حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ان حوالي سان واضح پيغام ڏنو آهي ته ناموس رسالت صه جي ??عاملي تي ڪو ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، مسلمان پنهنجي ??يغمبر صه سان تمام گهڻي محبت ۽ عقيدت رکن ٿا. جهڙي طرح اولهه ۾ هالو ڪاسٽ بابت قانونسازي ڪئي وئي آهي اهڙي طرح اسلام ۽ ٻين مذهبن جي ??قدس شخصيتن جي عزت ۽ تڪريم جي ??عاملي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.