اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تي?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مختلف قسمن جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙيو وڃي، معذوري سرٽيفڪيٽ سان حڪومت جي احساس پروگرام ج??ڙي سماجي ??حف?? جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان حوالي سان جامع قدم کنيا وڃن. هو مختلف قسم جي معذوري جي رجسٽريشن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ خاص مددگار نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊا??ٽر فيصل سلطان، سيڪريٽري عامر اشرف خواجه، گهرو وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري شير عالم محسود، نادرا چيئرمين خالد لطيف ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صدر سمورن لاڳاپيل ڌرين کي خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جو عمل تي?? ڪندي مختلف قسم جي معذورين جي درجه بندي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي حقن جي ??حف?? لاءِ انهن جي رجسٽريشن جي عمل کي هموار ۽ تي?? ڪرڻ ضروري آهي، صدر چيو ته خصوصي ماڻهن لاءِ معذوري سرٽيفڪيٽ تمام اهم آهي ڇو ته ان جي ذريعي حڪومت جي احساس پروگرام ج??ڙي سماجي ??حف?? جي اسڪيمن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ان موقعي تي صدر کي نيشنل هيلٿ سروسز ۽ ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت ۽ نادرا پاران خصوصي ماڻهن جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪم تي اڳڀرائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو.