فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽورز جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود شين جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه چيڪ ??يا جڏهن ته خريدارن کان شين جي قيمتن ۽ معيار بابت پڻ معلوم ڪيو. مملڪتي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ وي??هو ۽ سمندري روڊ چناب گارڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب شين جو جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين کان ک??ڌي پيتي جي شين جي مقدار ۽ معيار بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ شين جو وزن ڪري انهن جي مقدار چيڪ ??رڻ سميت انهن تي لکيل تياري جي تاريخ پڻ چيڪ ??ئي.