بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دو??ي جي موقعي تي اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم يونيورسٽي ۾ عالمي معيار جي ??دريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي ??والي سان موجود افرادي قوت جي ??لاحيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيورسٽي جي ??غداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي جي ??وانائي جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي ??ولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيورسٽي جي ??رورتن کي پورو ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائيندو، اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيورسٽي ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي ??هميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيورسٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سان وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دو??ئن جي ??ستعمال، 35 سيڪڙو گهٽ مجموعي لاڳت سان پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو گهٽ لاڳت سان 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ??ريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سان آبادگارن جي ??مدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.