اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نادرا هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهين جي شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪ??رڊ جاري ڪرڻ ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق لا??ِ نادرا جي نئين موبائيل ايپ ۽ شناختي ڪ??رڊ جي قومي تصديق ۽ تجديد منصوبن جو افتتاح ڪيو. نادرا پاران جاري ڪيل بيان موجب نادرا هيڊڪوارٽر آمد تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو، وزيراعظم کي نادرا چيئرمين محمد طارق م??ڪ ويزن ڊجيٽل پاڪستان تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم 66 نئين آفيسن ۽ 90 نئين موبائيل رجسٽريشن گاڏين جو به افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي هدايت تي نادرا آفيسن جو دائرو سڄي ملڪ جي سمورن ??علقن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واعدي جي تڪميل ڪندي ڪيترن ??ي ڏهاڪن کان رهندڙ غير ملڪي م??ڻه?? کي سماجي ۽ معاشي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ لا??ِ ايليئن شناختي ڪ??رڊ ۽ ورڪ پرمٽ ڪ??رڊ جاري ڪرڻ جو افتتاح ڪيو، ان ڪ??رڊ جي ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ غير ملڪي م??ڻه?? ۽ انهن جا وارث پنهنجو ڪاروبار، نجي تعليمي ادارن ۾ داخلا جي سهولت، نجي نوڪريون حاصل ڪرڻ، موبائيل سم ڪارڊ، بجلي گئس جا ڪنيڪشن حاصل ڪرڻ، بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ، گاڏي جي رجسٽريشن ۽ خريد ۽ وڪري جهڙن سهولتن مان مستفيد ٿي سگهندا ۽ اهو ڪ??رڊ رکندڙ م??ڻه?? فارن ??يڪٽ تحت قانوني چاره جوئي کان بچي به سگهندا.