اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محم??د قريشي دوشنبي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستا?? بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ ??رڪ?? جو خواهشمند آهي. شاه محم??د قريشي تاجڪ هم منصب کي پ??ڪس??ان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محم??د قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري ج?? مقصد افغانستان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عملي ج??ڙڻ آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي افغانستان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محم??د قريشي ج?? تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي ج?? معاملن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.