اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم ??مران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افعانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان م سيڪيورٽي صورتحال جي بهتري، انساني ضرورتن ۽ اقتصادي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران هنگامي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي. اهي ڳالهيون هن پاڪستان جي دوري تي ايل جرمن پرڏيهي وز??ر بائڪو ماس سان ڳالهائيندي ڪيون جنهن وز??راعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال ۽ پاڪ جرمن ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سا?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??راعظم ??ن ڳالهه تي زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وز??راعظم چيو ته افغانستان جي تاريخ جي ان اهم لمحن ۾ عالمي برادري جي لاءِ ضروري آهي ته اها افغان عوام سان يڪجهتي ۽ تعاون ڪري. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ افغانستان سان پائيدار رابطن جي ضرورت آهي. وز??راعظم ??مران خان چيو ته پاڪستان ۽ جرمني کي علائقائي امن ۽ استحڪام بابت گڏيل مفادن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. جرمن پرڏيهي وز??ر بائڪو ماس وز??راعظم ??مران خان کي جرمن چانسلر انجيلا مارڪل پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ افغانستان ۾ صورتحال بابت جرمني جي موقف کان آگاهه ڪيو. بائيڪو ماس افغانستان مان جرمن شهرين جي انخلا ۾ تعاون تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وز??ر بائيڪو ماس هلندڙ سال دوران پاڪستان جرمن سفارتي لاڳاپن جي سترهين سالگرهه جي حوالي سان تقريبن کي پڻ اجاگر ڪيو.