اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏ??نه?? جي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيه?? وزير جي آجيان ڪ??ي. پرڏيه?? وزير اڄ رات پاڪستان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برطانوي پرڏيه?? وزير الزبيٿ ٽرس ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سان ملاقات پڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيه?? وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کا?? آگاهه ڪندو. پرڏيه?? وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.