اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏيندا. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سا?? اڳ ڪائونسل ک?? درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح رهي ته ايوان صدر جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عمل?? جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پن??نجي خطبي ۾ عبادت سا?? گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتر?? ۽ ??سن اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدرد?? ۽ ??حمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿيندا هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترق?? ۽ ??وشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.