اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سان گڏجي نوجوانن ۾ حڪومت جي قرض اسڪيمن بابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي س??هجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ??ي شعبي جي ترقي سان صوبي جي ماڻهن جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ممڪن ٿي س??هندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري س??هبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريف??گ ۾ آگاهه ڪيو ??يو ته خيبرپختونخواهه حڪومت اڳوڻي فاٽا جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ انتظامي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ انتظامي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ??يو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه حڪومت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي سهولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.