اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪ?? جي شهري پريانٿا ڪمار?? جي سيالڪوٽ ۾ ظالماڻي ق??ل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي ق??نون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ذاتي طور تي ۽ جٿن جي صورت ۾ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي ق??م جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي ق??م جي واقعن جي خاتمي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي پڻ جوڙي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪ?? جي شهري پريانٿ?? جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو.