اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر سع??دي عرب جي سفير نواف المالڪي سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت، تاريخ ۽ ??سٽ??يٽجڪ تعاون جي بنياد تي ٻڌل ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي قيادت ٻطرفن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، ٻنهي ڀائر ملڪن هر مشڪل گهڙي ۾ هڪٻئي جي مدد ڪئي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ سع??دي حڪومت جي تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.