اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي يا??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي يا??اش??ن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪستان ازبڪستان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪستان جي قومي ٽيليويزن ۽ ريڊيو ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي يا??اش?? تي پاڪستان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏه?? ته ازبڪستان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف ص??يحون ڪيون. ازبڪستان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪستان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي يا??اش??ن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏه?? ته ازبڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف ص??يحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي يا??اش?? تي پاڪستان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف ص??يحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪستان جڏه?? ته سردار عمر زاڪوف ازبڪستان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏه?? ته ازبڪستان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف ص??يحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪستان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي يا??اش?? تي صحيحون ٿيون. پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏه?? ته ازبڪستان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف ص??يحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي يا??اش?? تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏه?? ته پاڪستان ۾ ازبڪستان جي سفير اوبڪ عثمانوف ص??يحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪستان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪستان جي خيبر??خت??نخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي يا??اش?? تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران خيبر??خت??نخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏه?? ته ازبڪستان پاران پاڪستان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف ص??يحون ڪيون.