اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي پرامن احتجاج ڪري رهيا هئا، پيپلزپارٽي هڪ طرف جمهوريت جي چيمپئين هجڻ جي دعويٰ ڪندي آهي ته ٻي طرف پُرامن احتجاج برداشت نٿي ڪري سگهي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس فوري طور تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي آ??اد ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وز??ر فرخ حبيب سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت ڳڻتي ج?? اظهار ڪندي ڪيو، فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت جو غير جمهوري رويو سڀني تي ظاهر ٿي چڪو آهي، پيپلزپارٽي ج?? مارچ پنجاب کان ٿيندو اسلام آباد تائين پهتو پر ڪٿي به ڪو ڪيس يا رڪاوٽ نه هئي. مملڪتي وز??ر چيو ته پيپلزپارٽي شايد سياسي قدر به وساري چڪي آهي، اها ڪهڙي ج??هوري حڪومت آهي ج??ڪا پرامن احتجاج ڪرڻ وارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري رهي آهي. اطلاعات واري م??لڪتي وز??ر چيو ته جهڙي طرح رات جو سنڌ پوليس پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا، ايئن ڏوهاري پيشيور عنصرن کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪن ها ته ڏوهن تي ضابطو آڻي وٺن ها، اهڙي ڪريل حرڪت تي بلاول کي ج??اب ڏيڻو پوندو، پي ٽي آءِ کي هاڻي انهن کي ج??هوري قدر به سيکارڻا پوندا.