اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿ??ڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي ت??زيت ۽ افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت کي سڌارن جي هدايت ڪريون ٿا. بهتر رستن جي ت??مير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي ج??ت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي صبر جميل ڏي، هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.