اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گوجرانوالا ۾ صو??ائي اسيمبلي ميمبر بلال تارڙ جي اوطاق تي پي ٽي آءِ پاران فائرنگ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته بلال تارڙ تي قاتلاڻو حملو عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو، الله جو شڪر آهي ته بلال تارڙ جي جان محفوظ رهي، ??عيشت جي جان وٺندڙ هاڻي سياسي مخالفن جي جان وٺڻ جي پويان آهن، پنهنجي لاءِ وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي خيرات گهرندڙ عمران نيازي ٻين جي زندگي وٺڻ جي پويان آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد کي باهه ڏيندڙ?? جون دليون سياسي انتقام جي باهه ۾ سڙي رهيون آهن، گاريون ڏيندڙ هاڻي گوليون هلائڻ تي اچي ويا آهن. هن چيو ته عمران خان فسادي مارچ ۾ عبرتناڪ رسوائي کانپوءِ دهشتگردي جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، ??ن چيو ته معيشت ۽ عوام جي خلاف معاشي دهشتگردي ڪندڙن جي فسادي سياست عوام دفن ڪري ڇڏي آهي. مريم اورنگزيب بلال تارڙ ۽ سندس گهروارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته عمران خان سياسي مخالفن جي زندگي وٺڻ جي منفي سوچ ڇڏي، ??لڪ ۽ عوام جي خلاف پنهنجي ڏوهن تي الله تعاليٰ کان معافي گهري.