اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود موجوده حڪومت اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ ۾ اهڙي طرح جو استحڪام آڻيندي جهڙي طرح 2018ع ۾ پاڪستان معاشي طور تي مستحڪم هو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بجيٽ ۾ زراعت جي شعبي جي لاءِ تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، ان کي زيرو ٽيڪس انڊسٽري قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ مراعتن سان نه رڳو زرعي شعبي کي سگهه ملندي پر زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو. زرعي او??ار?? تي زيرو ڪسٽم ڊيوٽي ۽ سيلز ٽيڪ?? هوندو، پاڪستان جي تاريخ ۾ زرعي شعبي کي اهڙي طرح جي ٽيڪس ڇوٽ اڳ ۾ ڪڏهن ناهي ڏني وئي. هن چيو ته اسان جي سوچ آهي ته معاشي استحڪام رڳو زراعت جي ذريعي اچي سگهي ٿو. هن چيو ته آءِ ٽي شعبي ۾ ڏني ويندڙ مراعتن سان آءِ ٽي ايڪسپورٽس کي فروغ ملندو. هن چيو ته فوڊ سي??يورٽي جي شعبي ۾ به تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ خصوصي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن جي باوجود انڪم ٽيڪس جي حد 6 لک رپين مان وڌائي 12 لک رپيا ڪئي وئي آهي، 12 لک رپين تائين آمدني وارن ماڻهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو ٽيڪس نه ڏيڻو پوندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ فلم انڊسٽري جي لاءِ پڻ تاريخي اعلان ڪيا ويا آهن، ملڪ جا نوجوان وڌ کان وڌ فلم پروڊڪشن جي اندر پنهنجي ث??اف?? ۽ ڪلچر کي پروموٽ ڪري سگهندا، ان قدم سان نه رڳو پاڪستان جي ڪلچر ۽ سياحت کي فروغ ملندو پر عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص پڻ بحال ٿيندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فلم انڊسٽري کي مڪمل طور تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، آرٽسٽن جي لاءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل انشورنس متعارف ڪرائي وئي جڏهن ته فلم پروڊيوسرز جي لاءِ مراعتون ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته گذريل 35 سالن کان سئنيما گهر بلڪل بند ٿي ويا هئا، ڪيترن ئي مشهور سئنيما گهرن جي جڳهه شادي هال ۽ پيٽرول پمپ ٺهي ويا، ملڪي ث??اف?? ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جا ذريعا تقريبن ختم ٿي ويا هئا. هن چيو ته هڪ نااهل اچي وڏي دعويٰ ڪري رهيو آهي ته اسان واڌويجهه جي شرح 5 سي??ڙو تي کڻي آياسين. هن چيو ته اسان اهڙي بجيٽ ڏني آهي جيڪا ملڪ جي اندر معاشي بدحالي کي ختم ڪري معاشي استحڪام آنيندي. اطلاعات وار?? وفاقي وزي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايندي ئي پينشن ۾ 10 سي??ڙو اضافو ڪيو هو ۽ ان جي اندر وڌيڪ 5 سي??ڙو جو اضافو ڪيو ويو آهي.