اسلام آب??د – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کن??ل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آ??اه?? ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کن??ل قدمن کان آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس کي آ??اه?? ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زن??گي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آ??اه?? ڪيو ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائن??گي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪستان جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.