ڪلر سيدان – 11 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي ٻين شهرن وانگر ڪلر سيدان ۾ به پ??ڪس??ان جي 75 هين جشن آزادي ڏهاڙي ڊائمنڊ جوبلي جون تقريبون شان??ار ط??يق?? سان ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ان سلسلي ۾ پهرين آگسٽ کان ئي ڪلر سيدان جي مختلف بازارن ۾ قومي جهنڊن، جهنڊين، بيجز سميت جديد دور جي هم آهنگ نت نئين ڊيزائن جي شين جي وڪري لاءِ اسٽالز سجايا وي?? هئا جڏهن ته ڪلر سيدان جي شهرين پاران گهرن ۽ گاڏين تي سبز هلالي جهنڊو لڳائي پ??ڪس??ان سان پنهنجي محبت جو والهاڻو اظهار ڪيو پيو وڃي، جشن آزادي جي تيارين جي سلسلي ۾ شهرين جو چوڻ هو ته 14 آگسٽ شان??ار ط??يق?? سان ملهائينداسين ان ڏينهن جي مناسبت سان گهرن کي پ??ڪس??ان جي جهنڊن سان سجايو پيو وڃي، هر شخص پنهنجي سگهه موجب ملڪ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.