گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀارتي غي??قانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڪشميرين جي ??ود??ختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غي??قانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غي??قانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غي??رياستي رهواسين کي آباد ڪري ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ ب??لائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻو پوندو.