اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي ??ڀ کان پهرين بلوچستان ۾ شروع ڪئي وڃي، حڪومت متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر کي ان جو حق ملڻ تائين سک سان نه ويهندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري مالي مدد اين ڊي ايم اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سا?? فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي گڏيل سروي ??ي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي ويل چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي جن??ن سان بحالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اها سروي ??ڀ کان پهرين بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪئي ويندي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان شروع ڪري ان جي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022ع تائين يقيني بڻائي ويندي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني ويندڙ فوري مالي مدد ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جن??ن جي نگراني اين ڊي ايم اي ڪندي. ??زي??اعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي ??زي??ن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، ??زي??اعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ??زي??اعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.