اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏيندي چيو آه?? ته اسان پنهنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سطح تائين وٺي وڃڻ جو ??يصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جا ٿورا مڃيا. واضح ره?? ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿ?? جنهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.