اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ پنهنجي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي، عالمي حدت عالمگير مسئلو آهي ج??هن ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پاڪستان هن وقت تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهيو آهي جتي ان جي انفراسٽرڪچر کي وڏي پئماني تي ??قصان پهتو آهي. بين الپارلياماني يونين ۽ قومي اسيمبلي ج?? حصيداري سان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ تي ايشيا پيسفڪ ريجن جي پارليامينٽن جي ٽئين علائقائي سيمينار کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتون ٿيون، رڳو سنڌ ۾ ماضي ج?? ڀيٽ ۾ ستوڻ تي برساتون ٿيون، اها ئي صورتحال ملڪن جي باقي علائقن جي به آهي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير چيو ته تازي ٻوڏ سان وڏي انگ ۾ فوتگيون ٿيون، لکين گهر ۽ بيٺل فصل تباهه ٿيا، 200 کان وڌيڪ پل ۽ سوين ڪلوميٽر رس??ا تباهه ٿيا، ريلوي، انٽرنيٽ جو نظام متاثر ٿ??و، پاڪستان ۾ گرمي ج?? موسم ۾ شديد هيٽ ويوز کي پڻ منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن، اهو سڀ موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀرپاسي وڏا گليشيئرز موجود آهن جڏهن ته دنيا جو وڏو درياءَ ۽ نهري نظام به هتي ??وجود آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ايندڙ بدترين ٻوڏ سان سنڌ جو وڏو علائقو متاثر ٿ??و آهي، بين الپارلياماني يونين ۾ شامل ڪيترن ئي ملڪن کي به اهڙيون موسمياتي تبديليون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي ??وسمياتي تبديلين ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل پاڪستان جي دوري ج?? موقعي تي ان جي تصديق به ڪئي، جيڪي ملڪ دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو وڏو سبب بڻيل آهن اهي ان جي خاتمي لاءِ پنهنجو واعدو پورو نه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هزاريه ترقياتي ??دف اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اميد جي ڪرن آهي.