نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪ?? صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ مشڪل انساني صورتحال ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي مدد ل??ءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪ?? صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪ?? صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي، اها م??اقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ آمريڪ?? صدر جو بائيڊن پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۾ سوين فوتگين تي افسوس ?? متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف آمريڪ?? صدر پاران افسوس ?? همدردي جي اظهار تي ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد ل??ءِ عالمي برادري جي نالي پيغام ۽ پاڪستان جي حمايت تي آمريڪ?? صدر جا خاص طور تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم آمريڪا جي عالمي ترقي واري اداري (يو ايس ايڊ) جي سربراهه جي پاڪستان جي دوري ۽ امداد موڪلڻ تي پڻ آمريڪي حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.