اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي بدترين ٻوڏ درپيش آهي، ملڪ جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جو عمل جاري ??هي، ريسڪيو ۽ بحالي جي سرگرمين جي لاءِ عالمي برادري پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس سان گڏ شديد متاثر علائقن جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان اهڙن خيالن جو اظهار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن چي?? ته ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري ??هيو آهي، ڀارتي قابض فوج شوپيان ۽ اسلام آباد جي ضلعن ۾ وڌيڪ ٽن معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي، ڀارتي فوج معصوم ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، والاريل علائقي ۾ ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا. هن چي?? ته والاريل ڪشمير دنيا جو اهڙو خطو آهي جتي وڏي انگ ۾ ڀارت پنهنجي فوج مقرر ڪري ??کي آهي ۽ اهڙي طرح ڀارت ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو قيدخانو بڻايو آهي. هن چي?? ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ هيستائين 670 ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي جن مان 150 کي هن سال پهرين جنوري کان هيستائين شهيد ڪيو ويو. هن چي?? ته والاريل ڪشمير ۾ ماڻهن کي اظهار راءِ سميت سمورن بنيادي حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي قيادت، نوجوانن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي. هن چي?? ته اها صورتحال ناقابل قبول آهي، پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿ?? ته اها والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي هٿان انساني حقن جي سنگين پائمالين کي بند ڪرائي ۽ خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب ڪشمير مسئلي کي حل ڪرائي. ترجمان چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان ۾ شنگهائي تعا??ن تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 2 ڏينهن جي دوري ??ي تاشقند ۾ آهي. وزيراعظم ازبڪستان ۾ قيام دوران ايس سي او جي ميمبر ملڪن مملڪتي سربراهن سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چي?? ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽوزرداري، ٻيا وزير ۽ سينيئر عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري وفد ۾ شامل آهن. هن چي?? ته پاڪستان ماحولياتي آلودگي نه پکيڙڻ جي باوجود موسمياتي تبديلين سان سڌوسنئون متاثر ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديلي جي ڪري پاڪستان کي هن وقت بدترين ٻوڏ درپيش آهي، ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سان شديد تباهي ٿي آهي، ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان کي دوست ملڪن پاران وڏي انگ ۾ امدادي سامان موڪليو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو. هن چي?? ته عالمي اداري ??ي سربراهه پاڪستان جي دوري ??وران ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ وڃي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن سان ملاقات ڪئي، انهن کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ترجمان چي?? ته مختلف ملڪن ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان جي فراخدلاڻي معاونت ڪئي آهي، هيستائين 100 کان وڌيڪ اڏامن ذريعي امدادي سامان پاڪستان پهتو آهي جيڪو اسان جي پارٽنرز ۽ دنيا جي مختلف دوست ملڪن موڪليو آهي. ترجمان چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف برطانوي ملڪه ايلزبيٿ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ هن تعزيت جي لاءِ اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪميشن جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم پنهنجي برطانوي هم منصب کي هڪ خط به لکيو جنهن ۾ برطانوي حڪومت ۽ شاهي خاندان سان تعزيت ڪئي وئي. وزيراعظم ملڪه ايلزبيٿ جي لاڏاڻي کانپوءِ برطانيا جي شاهه چارلس ٽئين کي شاهي عهدو سنڀالڻ تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.