اسلام آب??د-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير عب??ال??ادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ مت??ثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. اهڙو ا??ها?? هن يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عب??ال??ه الفادل سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر عب??ال??ه الفادل يونيسيف طرفان ٻوڏ مت??ثرن کي ڏنل امداد جي باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. ڊاڪٽر عب??ال??ه وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته يونيسيف لسٻيله، سبي، ملتان، ڊي جي خان ۾ نَ??ان فيلڊ آفيس سکر ۽ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيا آهن. هن ٻُڌايو ته يو اين جي سمورن ادارن 816 آمريڪي ڊالرن جي فليش اپيل ڪئي آهي، جتي ٻوڏ مت??ثرن ۽ بي گهر ٿيل ماڻهن جو هڪ وڏو حصو موجود آهي. هن وقت انهن علائقن ۾ 09 ملين آمريڪي ڊالر جي صحتمند شين جي فراهمي ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ مت??ثرن لاءِ ماڻهن سان يڪجهتي ۽ تعاون تي ان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ٻوڏ سبب ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين کان وڌيڪ آبادي مت??ثر ٿي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ فرنٽ لائينز ورڪرز اسان جا هيرو آهن. عب??ال??ادر پٽيل چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل صحت ۽ ٻين سيڪيورٽي ورڪرز جي جوش ۽ جذبي ۽ قربانين کي خراب تحسين پيش ڪريان ٿو.