اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ??اڪ??ر اسد مجيد خان کي نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس موجب ??اڪ??ر اسد مجيد خان جي نئين پرڏيهي سيڪريٽري طور مقرري ڪئي وئي آهي. هو پاڪستان فارن سروس جو سينيئر آفيسر آهي ۽ کيس پاڪستان جي 31 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور نامزد ڪيو ويو آهي. ??اڪ??ر اسد مجيد خان نئين عهدي تي مقرري کان اڳ بيلجيئم، لڪسمبرگ ۽ يورپي يو??ين ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. ??اڪ??ر اسد مجيد خان 34 سالن تي ٻڌل پنهنجي سفارتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي اهم سفار??ي ذميواريون ادا ڪيون آهن. هن آمريڪا ۾ ۽ جاپان ۾ پاڪستان جي سفير طور تي پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو پرڏيهي ايڊيشنل سيڪريٽري (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (آمريڪا)، ڊائريڪٽر جنرل (اولهه ايشيا)، آمريڪا ۾ پاڪستان جي عبوري ناظم الامور، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي ڊپٽي چيف آف مشن، صدارتي سيڪريٽريٽ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (پرڏيهي معاملا)، ڊائريڪٽر جنرل (گڏيل قومون) ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ منسٽر – قونصلر جي عهدن تي به رهي چڪو آهي. ??اڪ??ر اسد مجيد خان ڪيوشو يو??يورسٽي جاپان مان انٽرنيشنل اڪنامڪ اينڊ بزنس لاء (ايل ايل ڊي) ۾ ??اڪ??ريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ هو ڪيترن ئي تعليمي ادارن ۾ ريسورس پرسن پڻ رهي چڪو آهي.