اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مل?? ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ مل?? جي ٽن هوا??ي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ مل?? ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ مل?? جي ٽن وڏن هوا??ي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. انٽرنيشنل آپريٽرز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي هوا??ي اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشنل آپريٽرز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپريٽرز هوا??ي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوا??ي اڏن ۾ جدت ۽ ??هت??ي آندي ويندي. اجلاس پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ مل??ي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 مل??ن ۾ پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن مل??ن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوا??ي اڏن جو انتظام هلايو پيو وڃي.