اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد ۽ شرپسند عنصر ڪنهن به قيمت تي پاڪستاني عوام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، هم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ ڪنهن قرباني کان نه ڪيٻائينداسين، تازي دهشتگردي جي لهر جي تدارڪ جي لاءِ سمورا وفاقي ۽ صوبائي ادارا پنهنجي وچ ۾ تعاون وڌائين. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سربراهن ۽ سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ گهرو سيڪريٽري ملڪ جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني، چئني صوبن جي آءِ جيز ۽ چيف سيڪريرين وزير??عظ?? کي تازي دهشتگردي جي واقعن تي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ امن امان جي لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير ۽ آءِ جي اسلام آباد وزير??عظ?? کي اسلام آباد پوليس جي پگهارن ۾ اضافي ۽ ايف سي جي راشن الائونس کي وڌائي باقي سمورين فورسز جي برابر ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ان سان اسلام آباد پوليس جو مورال بلند ٿيو آهي. وزير??عظ?? نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽ?? کي هدايت ڪئي ته دهشتگردي جي مڪمل روڪٿام لاءِ صوبائي سي ٽي ڊي?? ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته گهرو وزير، گهرو سيڪريٽري ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر نيڪٽا صوبن ۾ وڃي ان حوالي سان تفصيلي مشاورت ڪن ۽ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪن. وزير??عظ?? چيو ته صوبائي ايپڪس ڪميٽيون پنهنجا اجلاس باقاعدگي سان منعقد ڪن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون سان دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان پٽي اڇلائين.