اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي ??سجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??يو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي ??نافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم ??يو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ??يو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ??اءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.