اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پا??ستان جو پراڻو دوست آهي، جنهن پا??ستان جي هر سٺين ۽ خراب حالتن ۾ مدد ڪئي، پا??ستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري مثالي آهي ۽ پا??ستان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي، پا?? چين ا??تص??دي لنگهه تحت اربين ڊ??لر جي سيڙپڪاري چين جي حڪومت ۽ عوام جي پا??ستان سان محبت جو واضح ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سڀاڻي ڪراچي ۾ چين جي حصيداري سان تعمير ٿيل ٿري نيوڪليئر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪندو، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ نيوڪليئر پاور پلانٽ سان بجلي جي مجموعي پيداوار 2200 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سي پيڪ تحت چين پا??ستان ۾ بجلي جي شارٽ فال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي مون سميت سڄي قوم چين جي حڪومت ۽ عوام جي ٿورائتي آهي. ملاقات ۾ چائنا اٽامڪ انرجي اٿارٽي (سي اي اي اي) جي وائيس چيئرمين ليوجنگ، پا??ستان ۾ چيني سفارتخاني جي ناظم الامور پانگ چن شوئي ۽ لاڳاپيل چيني اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اسحاق ڊار، احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، خاص معاون طارق فاطمي، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي چين جي پا??ستان ۾ نيوڪليئر انرجي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني وئي. وفد وزيراعظم کي ڪي ٿري کي م??مل ڪرڻ جي لاءِ ذاتي دلچسپي ۽ ڪوششن تي ان ک?? خراج تحسين پيش ڪيو.