اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ??ور?? جي عبوري مئنيجمينت ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيندي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ سخت محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ڪرڪيٽ ??ور?? (پي سي بي) جي عبوري مئنيجمين?? ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي ??لاقات ڪئي. نجم سيٺي ??زيراعظم کي پاڪستان ۾ اداراجاتي (Departmental) ڪرڪيٽ جي بحالي ۽ فيبروري ۾ شروع ٿيندڙ ??ي ايس ايل ايڊيشن 8 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي فروغ جي لاءِ نجم سيٺي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس ان سلسلي ۾ سخت محنت ۽ ڀرپُور جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.