اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي قا??ون کي جهنگ جو قا??ون ٺاهيندڙ ٻن ڏينهن کان آئين ۽ قا??ون کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، اڄ اهو تماشو پوري قوم ۽ دنيا ڏسي رهي آهي، انصاف ۽ قا??ون جو پورو نظام هڪ شخص جي ضد، اناءَ ۽ تڪبر آڏو بيوس نظر اچي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ذهني مريض جي اناءَ آئين، قا??ون ۽ عدالت سميت هر شي??َ کان وڏي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جي شان چئو يا مڪافات عمل! سياسي مخالفن جي بيمارين، پليٽ ليٽس، اسپتال ۾ آخري ساهه ک??ندڙ مريضن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي احساسن جي مذاق اڏائيندڙ اڄ ”بزرگ“ ۽ ”بيمار“ بڻجي ويو آهي، هڪ شخص پنهنجي ضد، اناءَ ۽ تڪبر ۾ آئين، قا??ون، ڪنهن جج ۽ عدالت کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.