اسلام آباد – 22 – فيبروري (اي پي پي) دفاع واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف جي قيادت ۾ هڪ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر اخوند، دفاع واري و??ير مولوي محمد يعقوب مجاهد، گهرو وزي?? سراج الدين حقاني ۽ پرڏيهي و??ير امير خان متقي سميت عبوري افغان حڪومت جي سينيئر قيادت سان ملاقات ڪئي. ترجمان موجب خطي ۾ دهشتگردي خاص طور تي ٽي ٽي پي ۽ آءِ ايس ڪي پي پاران وڌندڙ خطري بابت معاملا بحث هيٺ آ??ا. ڌرين مختلف ادارن ۽ ت??ظي??ن پاران دهشتگردي جي خطري کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ج?? لاءِ تعاون تي اتفاق ڪيو. بيان موجب ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.