اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊيز هيلٿ ورڪرز ۽ مڊوائف جي ڪردار کي وڌيڪ موثر ۽ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ت?? هن وقت ايل ايڇ ويز جي پهچ 37 سيڪڙو آبادي تائين آهي ان کي وڌائي عورتن ۾ ويم دوران مُشڪلاتن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي ٿو، تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي ان سان گڏوگڏ ٻين ڌرين کي اڳتي اچي انهن شعبن ۾ ڪم ڪرڻو پوندو، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي تعليم ۽ صحت جي شعبي ت?? ڌيان ڏين ٿيون. هو راولپنڊي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي ڀلائي جي اسپتال جي افتتاحي ت??ري?? کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاتون اول ثمينه عارف سان گڏ اسپتال جو باقاعده افتتاح ڪيو. تقريب ۾ بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ، ايسوسيئيشن جا ميمبر ۽ غيرملڪي سفارتڪار شريڪ هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويم دوران موت جي شرح وڌيڪ هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چ??و ته ان تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، دنيا ۾ ويم دوران موت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته جڏهن معاشرا ۽ معيشت مضبوط ٿي وڃن ته مختلف ذريعن سان صحت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو ان ۾ هيلٿ انشورنس پڻ شامل آهي. هن چ??و ته ان ۾ ته ڪا ٻي راءِ نه ٿي ٿي سگهي ت?? تعليم ۽ صحت رياست جي ذميواري آهي پر معاشري جي ٻين ڌرين کي به اڳتي وڌي ان ۾ حصو وجهڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته بهبود ايسوسيئيشن ملڪ گير سطح تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعيلم، صحت، دستڪاري ۽ ثقافت جي ترويج جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چ??و ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي وڏو مقام حاصل آهي، گهر جي اندر ٻارن جي پرورش جي ذميواري به ماءُ تي هوندي آهي، اهو اهم هوندو آهي ت?? ايندڙ نسل جي تربيت ڪير ڪري رهيو آهي. هن ب??يسٽ ڪينسر جي حوالي سان آگاهي، عورتن کي بااختيار بڻائن، خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ جي حوالي سان خاتون اول ثمينه عارف علوي جي ڪوششن ب??بت پڻ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اسان جي قوم جي اندر خير جي ڪم جو جذبو خوبصورتي سان هلي رهيو آهي ان ۾ وڌيڪ ماڻهن جي شموليت سان وڌيڪ بهتر نتيجا نڪرندا. هن چ??و ته بي آءِ ايس پي ۽ احساس پروگرام ذريعي مستحقين جي لاءِ نيوٽريشن پئڪيج بهتر قدم آهي، ان سان ٻارن ۾ غذائي کوٽ سان پيدا ٿيندڙ ڏکيائين ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عمل قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چ??و ته اسلامي معاشري ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو تصور ئي نه آهي. هن چ??و ته بريسٽ ڪينسر تي موثر آگاهي مهم جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، هاڻي عورتون ب??يسٽ ڪينسر جي پهرين مرحلي ۾ ئي ڊاڪٽرن سان رجوع ڪري رهيون آهن. بهبود ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر عابده ملڪ آجياڻي واري خطاب ۾ چ??و ته اسان جي ت??ظيم عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي ت?? اڌ صديءَ کان ڪم ڪري رهي آهي، اها غيرمنافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جنهن جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ موذي بيمارين کان به بچائڻ آهي. هن چ??و ته اسان جي ت??ظيم پاران عورتن جي لاءِ انڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي ان سان گڏوگڏ عورتن ۽ ٻارن کي فري آف ڪاسٽ هيلٿ سروسز فراهم ڪرڻ جي لاءِ راولپنڊي ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي.