اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 16 مئي تي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ۽ راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته وز??را??ظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، گهرو وزارت ۽ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي يقيني بڻائي ۽ ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ايڪشن ورتو وڃي، وز??را??ظم چيو ته ايران سان گهٽ لاڳت بجلي جي درآمد سان بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، ”روڊ ٽو مڪه“ منصوبي سان پاڪستاني حا??ين کي بهترين سهولتون ملنديون. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وز??را??ظم هائوس ۾ ٿيو. وز??را??ظم اجلاس ۾ ڪابينا ميمبرن کي ايران جي دوري تي بريفنگ ڏني. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي آجيان ڪندي وز??را??ظم انهن کي پنهنجي گذريل ڏينهن جي پاڪ ايران سرحد جي دوري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو. وز??را??ظم چيو ته ايراني صدر جي ذاتي دلچسپي ۽ وز??را??ظم جي ذاتي نگراني ۾ ايران کان 100 ميگاواٽ سستي بجلي جي درآمد جو منصوبو گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيو جيڪو وڏي عرصي کان التوا جو شڪار هو، ان منصوبي سان ڏکڻ بلوچستان خاص طور تي گوادر ۾ بجلي جي ??هچ يقيني بڻائي وئي آهي، ان منصوبي سان بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ايندي، اهڙي طرح ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن سان پاڪ ايران سرحد جي ٻنهي طرفن جي رهواسين جي لاءِ ڪاروبار ۽ روزگار جا نوان موقعا ميسر ٿيندا ۽ ترقي جو نئ??ن سفر شروع ٿيندو. وز??را??ظم چيو ته ايراني صدر پاڪ ايران واپار جي گڏيل فروغ ۾ پڻ خصوصي دلچسپي جو اظهار ڪيو. ان کانسواءِ زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ شمسي توانائي جي شعبن ۾ تعاون تي پڻ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. وز??را??ظم چيو ته پرڏيهي وزير جي سربراهي ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايران جو دورو ڪندو ته جيئن انهن معاملن تي ٺوس اڳڀرائي ٿئي. وز??را??ظم ڪابينا ميمبرن کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن 900 ميل ڊگهي سرحد تي سرحد پار دهشتگردي کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ۽ سيڪيورٽي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي. وز??را??ظم ايراني صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. وز??را??ظم ڪابينا ميمبرن کي سعودي عرب سان اڱاري ڏينهن صحيحون ڪيل ”روڊ ٽو مڪه“ معاهدي جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستاني حا??ين جو وڏو انگ فائدو کڻي سگهندو. ان معاهدي تحت اسلام آباد ايئرپورٽ تان 26143 پاڪستاني حا??ين جي اميگريشن جو عمل اسلام آباد ايئرپورٽ تي ئي ٿيندو ۽ اهي سعودي ايئرپورٽ تي ڊگهي انتظار کان بچي ويندا. ان معاهدي تي عملدرآمد ڪالهه کان شروع ٿي چڪو آهي. وز??را??ظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي حڪومت جي معاونت سان ايندڙ سال لاهور ۽ ڪراچي کان به ويندڙ حا??ين کي اها سهولت ملي سگهندي. وز??را??ظم چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي اثرن کي فوري طور تي عوام تائين پهچايو وڃي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اٽڪل 11 سيڪڙو گهٽتائي جي تناسب سان ڪراين ۽ ضرورت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته گهرو وزارت ۽ سڄي ملڪ ۾ ضلعي انتظاميا ٻين شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يقيني بڻائي، ناجائز منافعي خورن جي خلاف سختي سان ايڪشن کنيو وڃي. وفاقي ڪابينا راولپنڊي ۾ انشورنس ٽربيونل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ان نئين ٽربيونل تي ڪي اضافي خرچ ٿيندا پر موجوده اح??ساب عدالت نمبر 4 کي انشورنس ٽربيونل ۾ تبديل ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 11 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.