اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري ايئر هيڊڪوارٽرز اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر چيف معزز مهمان کي پاڪ فضائيه ک?? جديد بڻائڻ ۽ مقامي صلاحيتن جي فروغ لاءِ جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه پرڏيهي و??ير کي پاڪ فضائيه جي نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ پراجيڪٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان ميگا پراجيڪٽ جو مقصد ايوي ايشن، آءِ ٽي، سائبر ۽ ڪمپيوٽنگ جي شعبن ۾ گڏيل تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي ته جيئن پاڪستان جي لاءِ سماجي، اقتصادي، ٽيڪنيڪي ۽ سائنسي فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي. پرڏيهي و??ير پاڪ فضائيه جي اهلڪارن جي بي مثال پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حڪومت پاڪ فضائيه ک?? جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي ته جيئن ملڪ جي فتح نه ٿيڻ جوڳي فضائي دفاع کي يقيني بڻائي سگهجي. پاڪ فضائيه جي شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي و??ير چيو ته قوم پاڪ فضائيه جي سمورن شهيدن جي ٿورائتي آهي جن دشمن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ بهادري سان وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن پاڪ فضائيه جي قيادت پاران ت??بي??ي شعبي ۾ ڪيل سڌارن کي پڻ ساراهيو جن سان هڪ هنرمند افرادي قوت پيدا ڪري سگهبي جيڪا ايوي انڊسٽري جي تبديل ٿيندڙ رجحانن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندي هجي.