ڪراچي – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سمورن حصيدارن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن انهن جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪندي خصوصي ٻارن جي بح??لي جو ڪم مڪمل ۽ بهتر انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن ڪراچي (اي آر سي ڪي) جي وفد سا?? ملاقات ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سا?? گڏوگڏ خيراتي ادارن خصوصي ٻارن جي بح??لي، تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ انهن کي مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ ۽ معاشرتي زندگي ۾ انهن جي شموليت جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. هن چيو ته 9 سا??ن کان و??يڪ عمر جي مختلف معذور ٻارن کي نادرا ۾ خصوصي حيثيت سا?? رجس??رڊ ڪري سگهجي ٿو جيڪو حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائي ٿو. هن چيو ته گذريل ڪجهه سا??ن ۾ خصوصي ٻارن ۽ انهن جي مخصوص ضرورتن جي حوالي سا?? معاشري ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي پر ملڪ ۾ اهڙن ٻارن جي انگ کي ڏسندي وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. صدر پٺتي پيل ٻارن جي تعليم، تربيت ۽ بح??لي جي مقصد جي لاءِ اي آر سي ڪي جي 50 سا??ن کان و??يڪ عرصي کان جاري ڪوششن کي ساراهيو ۽ تنظيم جي عهديدارن تي زور ڏنو ته اهي ان مقصد جي لاءِ ڪم ڪندڙ ٻين تنظيمن سا?? تعاون کي فروغ ڏين ته جيئن انهن جي ڪوششن جو فائدو وڌ کان و?? ٻارن کي پهچي سگهي. ان موقعي تي بيگم ثمينه ع??رف علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي ذريعي خصوصي ٻارن جي بح??لي جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ سمورين لاڳاپيل انجمنن ۽ تنظيمن جي تعاون جي ضرورت آهي. اي آر سي ڪي جي وفد صدر کي ايسوسيئيشن جي ڪارڪردگي، انهن جي اسڪول ۾ دستياب سهولتن ۽ درپيش مسئلن بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيگم ثمينه ع??رف علوي سا?? گڏ ايسوسيئيشن آف ريٽارڊڊ چلڊرن اسڪول ڪراچي جي خصوصي ٻارن جي تيار ڪيل دستڪاري ۽ فن پارن جو پڻ مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي محنت ۽ فني خوبصورتي کي ساراهيو.