اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وز??راعظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وز??راعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وز??راعظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وز??راعظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمه??ري?? جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه ??رفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو ??ظه??ر ڪيو. وز??راعظم شهباز شريف جي ايران جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وز??راعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايران جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وز??راعظم شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه ??رفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.