اسلام آباد_ 16 جون(اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف بجيٽ تقرير ۾ استادن جي حوالي سان ادا ڪيل لفظن تي م??ذرت ڪري ورتي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي ڪاررو??ئي مان اهي لفظ حذف ڪر??ئي ڇڏيا. اسيمبلي ۾ ذاتي وضاحت تي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته الله توهان کي م??فوظ رکيو، الله تعاليٰ سدائين اوهان کي پنهنجي عافيت ۽ پناهه ۾ رکي، الله جو جيترو به شڪر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي، ??ن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مون تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ وائيس چانسلرز جي حوالي سان ڳالهه ڪئي هئي، ??ائيس چانسلرز اوهان کي منهنجي هڪ لفظ تي احتجاج ڪندي خط لکيو آهي، ??نهنجي درخواست آهي ته اهو لفظ ڪاررو??ئي مان حذف ڪيو وڃي، ??ون کي پنهنجي ان لفظ تي افسوس آهي. آئون استادن جو دل سان احترام ڪريان ٿو. هُن منهنجي لفظ جي درست مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ سياست ٿي رهي آهي، اسان کي درسگاهن ۾ پنهنجي ٻارن جي تربيت تي ڌيان ڏيڻو پوندو، منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد ڪرپشن هو، ملڪ جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ ڪرپشن جي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪڏهن استادن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت چاهيان ٿو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته مون اهو خط ميڊيا ۾ ڏٺو آهي، اڃان تائين منهنجي آڏو ناهي آيو، اوهان هڪ سينئر سياستدان آهيو، اوهان جو وڏپڻو آهي ته اوهان معذرت ڪئي، استادن جو احترام اسان سڀني جي دلين ۾ آهي، استاد نئين نسلن جي تربيت ڪندا آهن، اسان استادن جي اهميت کي نظر ۾ رکندي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي سمورن وائيس چانسلرز کي دعوت ڏني هئي، ??ن چيو ته سمورن ميمبرن کي گهرجي ته خطاب دوران لفظن جي چونڊ درست ڪن، اسپيڪر خواجه محمد آصف جي تقرير مان اهو لفظ حذف ڪري ڇڏيو.