اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??ي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ??ي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين ج?? لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم ??ي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ ج?? لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ ج?? لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن ج?? لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.