اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن خصوصي اقتصادي زو?? جي پيڙهه جو پٿر رکي سڄي ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ نوجوانن کي راندين ۾ عالمي معيار جي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جو آغاز ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يوٿ اسپورٽس ترقياتي قدمن تحت وزيراعظم پاڪستان ۾ راندين کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ۾ راندين جي ترقي ۽ رانديگرن جي لاءِ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ جاري ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي مدد لاءِ ايليٽ اسپورٽس پرسن ڊيولپمينٽ پروگرام ۽ مقامي رانديگرن سان گڏو عالمي سطح تي تيزي سان سهرت ماڻيندڙ اي – اسپورٽس جي فروغ جا قدم پڻ جاري ڪندو. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي موبائيل فونز جي لاءِ عاضي رجسٽريشن نظام جاري ڪندو. سمنڊ پار پاڪستانين جي نشاندهي تي انهن جي پاڪستان ۾ قيام دوران ذاتي موبائيل فون تي ٽيڪس جي مدي کي 3 مهينن مان وڌائي 120 ڏينهن ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي لاءِ هڪ خودڪار نظام جاري ڪيو پيو وڃي جيڪو انهن جي آءِ ايم اي آئي کي پاڪستان جي عارضي دورن جي دوران بلاڪ ٿيڻ ۽ انهن کي اضافي ٽيڪس جمع ڪرائڻ کان بچائيندو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندو. وزيراعظم اڄ اسلام آباد ??اڊ?? اسپيشل اڪنامڪ زو?? جي پيڙهه جو پٿر رکندو. اسلام آباد ??اڊ?? اسپيشل اڪنامڪ زو?? وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ملڪ جي صنعتي ترقي جي ويزن موجب ملڪ جي اترئين ح??ي ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي صن??تو?? قائم ڪرڻ جو موقعو ڏيندو. ان خصوصي زو?? سان روزگار جا 10 هزار کان وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندي. وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.