لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءُ اسلام (ف)جي امير مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود کي ٽ??لي??ون ڪري خار ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينش?? ۾ ??ماڪي تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڌماڪي سبب قيمتي ??ان??ن جي نقصان تي دلي افسوس ٿيو آهي، ا??ها?? جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. وزيراعظم چيو ته جوابدارن کي سخت سزا ملندي، دهشتگردي جو خاتمو پوري قوم جو عهد آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل ڪٽنبن لاءِ صبر ۽ زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي خيبرپختونخوا سان پڻ ٽ??لي??ون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڌماڪي جي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شديد زخمين جي هيلي ڪاپٽرز ذريعي ٻين اسپتالن ۾ منتقلي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ملوث ڌرين خلاف سخت قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي.