اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باجوڙ، خار ۾ دهشتگردي جي واقعي جي سوڳ ۾ سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون سادگي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي هدايت تي سي پيڪ کي 10 سال ??ڪم?? ٿيڻ جي خوشي ۾ ڪلچر شو پڻ ملتوي ڪيو ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب سي پيڪ جا 10 سال ??ڪم?? ٿيڻ جي خوشي ۾ تقري?? ڪلچرل شو ک??نس??اءِ سادگي سان منعقد ٿيندي. چين جو نائب وزيراعظم هي لي فينگ جي اچڻ جي م??قع?? تي ڪلچرل شو منعقد ٿيڻو هو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قوم سوڳ جي حالت ۾ آهي، تنهن ڪري ڪلچرل شو منعقد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته باجوڙ خار ۾ گذريل ڏينهن جي يو ??ءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ دهشتگردي سان 44 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.