اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ رياست جي بنيادن ۾ شامل آهي، پاڪستان ۾ سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن، قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪئي. انٽرنيشنل پيس فيسٽيول 2023ع کي خطاب ڪندي اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ کان 22 سال اڳ 2001ع ۾ گڏيل قومن عالمي امن ڏهارو ملهائڻ جو اعلان ڪيو، 2023ع ۾ عالمي انساني حق ڪنوينشن جا 75 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نيڪٽا پنهنجي شروع کان وٺ?? هيستائين ملڪ جي اندر انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اهم قدم کنيا ۽ امن دشمن عملن تي غور ڪيو. هن چيو ته امن دشمن محرڪن ۾ هڪ اهم عنصر انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي دهشتگردي کي جنم ڏي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ پاڪستان جي پاڙن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي 11 آگسٽ جي تقرير ۾ اقليتن جي حقن جي ڀرپور طريقي سان وضاحت ڪري ڇڏي هئي ته سمورا پاڪستاني برابر آهن ۽ برابري جو فروغ انتهاپسندي جي خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي. هن چيو ته اسلام انسانيت سان بهتر سلوڪ جو درس ڏي ٿو جڏهن ته انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد اسان جي قدرن ۾ شامل آهي. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته رياست سان وفاداري جي گهرج آهي ته ڪنهن سان ا??تيازي سلوڪ نه رکيو وڃي، ر??است جي سمورن شهرين کي برابر حق حاصل آهن. اسان کي تعصب کي ختم ڪرڻو پوندو، انهي جذبي سان پاڪستان جي طاقت کلي سامهون ا??ندي ۽ ڪير به هن ملڪ کي ڪمزور نه ڪري سگهندو.